اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن چونڊيل نمائندن کي عوامي رابطا مهم تيز ڪرڻ جي هدا??ت ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي سطح تي پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدا??ت ڪئي. وزيراعظم سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپختونخوا صوبي کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، جاري ترقياتي اسڪيمن ۽ پارٽي جي تنظيم سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي عوامي رابطا مهم تيز ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي. هن صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي سطح تي پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدا??ت ڪئي. ملاقات ۾ مواصلات واري وزير مراد سعيد، قومي اسيمبلي ميمبر حيدر علي خان، سليم رحمان، صاحبزاده صبغت الله، ??حبوب شاهه، ??حمد بشير خان، جنيد اڪبر?? محمد نواز خان ۽ صالح محمد شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن نذير احمد عباسي، حاجي قلندر خان لوڌي، مشتاق احمد غني، زبير خان، تاج محمد، وزيرزاده، ??حمد اعظم خان، همايون خان، لياقت علي خان، شفيع الله، ??حمد ديدار خان، عبدالغفار، سيد اقبال ميان، شڪيل احمد، پير مصور خان، سيد احمد ح??ين شاهه، بابر سليم سواتي، نوابزاده فريد صلاح الدين?? محمد اقبال خان، سيد غازي غزن جمال، شوڪت علي يوسف زئي، نصير الله خان، شرافت علي، عزيز الله خان، فضل حڪيم خان يوسفزئي، امجد علي ۽ محب الله خان شرڪت ڪئي.