ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪس??ان، روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن ماسڪو ۾ پنهنجي روسي هم منصب سرگئ?? لاروف سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روسي پرڏيهي وزير ماسڪو اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاه?? قريشي جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پ??ڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پ??ڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ٿيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪس??ان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پ??ڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. روسي پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ڪاميابي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پ??ڪس??ان جي قيادت کي مبارڪباد ڏني ۽ 22 – 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ متوقع او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ڪاميابي ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي روسي هم منصب جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.