اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي دنيا جي اتحاد تي زور ڏيندي چيو آه?? ته دنيا جي ڏيڍ ارب آبادي جي نمائنده اداري طور اسلا??ي تعاون تنظيم جي مضبوط آواز ڪشمير ۽ فلسطين جي پراڻن مسئلن جي حل لاءِ انتهائي ضروري آه??. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وزيراعظم پاڪستان جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي پنهنجي اهم خطاب ۾ چيو ته اسان فلسطينين ۽ ڪشميرين ٻنهي کي مايوس ڪيو آه??. مون کي افسوس آه?? جو اسان ڏيڍ ارب جي وڏي آواز هجڻ جي باوجود پنهنجو اثر نه وجهي سگهياسين. مسلمان ملڪن جي 57 رڪني تنظيم جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس جنهن جو عنوان ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري قائم ڪرڻ“ آه??، پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز ۽ گڏيل ڪوششن جي ذر??عي گڏيل مقوعن تي روشني وڌي وئي. اجلاس ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري حسين براهيم طحه، اسلا??ي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود، چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ ٻين پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا، عال??ي تڪرارن ۽ افغانستان، ڪشمير، فلسطين ۽ يوڪرين جي صورتحال سميت ٻين مسئلن طرف ڌيان ڇڪرايو. عمران خان چيو ته عالمي برادري ڪيترائي ڏهاڪا اڳ ڪشميرين سان اهو واعدو ڪيو هو ته اهي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪندا. جڏهن ته هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪيو ويو آه?? ۽ اتان جي رهواسين کي انساني حقن جي سنگين صورتحال درپيش آه??. هن چيو ته جيستائين اسان متحد نه ٿينداسين، اسان ظلم ڏسندا رهنداسين. هن چيو ته ڪشميري مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جنيوا ڪنوينشن تحت جنگي ڏوهه آه??. عمران خان خبردار ڪيو ته دنيا سرد جنگ طرف وڌي رهي آه??، ملڪ بلاڪس ۾ ورڇ ٿيڻ جا ا??ڪا?? آه??. هن چيو ته جيستائين اسان اسلامي پليٽ فارم طور تي متحد نه ٿينداسين، اسان ڪٿي به نه بيهنداسين، يوڪرين جي صورتحال تي هن اهڙي طريقيڪار تي غور ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن تحت چين سان گڏوگڏ او آءِ سي ملڪ وڌندڙ تڪرارن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.