اسلام آباد – 27 – ا??ري?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بح??ين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ٽيليفون ڪيو ۽ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ??ني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي بح??ين سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ گهري اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بح??ين پاران عا??مي وبا جي خلاف ڪامياب قدمن کي ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بح??يني قيادت پاران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال لاءِ کنيل قدمن تي بح??يني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد نرسنگ يونيورسٽي ۽ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي به آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، بح??ين ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني رهندڙ آهن ۽ پاڪستان ۽ بح??ين جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي ويجه?? تعاون ڪري رهيا آهن، 2021ع ۾ پاڪستان ۽ بح??ين ۾ وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيا آهن.