اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اربين روپيا ۽ قيمتي ??قت ضايع ڪيو، گوادر ايئرپورٽ ۽ گوادر بندرگاهه جي صورتحال سٺي نه آهي، پاڪستان جي ترقي بلوچستان ۾ ام??، استحڪام ۽ ترقي س??ن جڙيل آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوادر جي دوري دوران مون ڏٺو ته ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت گوادر جي ماڻهن کي مايوس ڪيو، اربين روپيا ۽ قيمتي ??قت ضايع ڪيو ويو، گوادر جي بندرگاهه جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙ مقامي ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به منصوبو مڪمل ناهي ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته گوادر جي بندرگاهه ۽ گوادر هوائي اڏي جي تعمير جي صورتحال به ٺيڪ نه آهي، بندرگاهه تي ڪا ڊريجنگ ناهي ڪئي وئي، جنهن جي ڪري ڪو وڏو ڪارگو جهاز لنگر انداز نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته گوادر يونيورسٽي ايئرپورٽ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳائڻ جي جلد پڄاڻي جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مجموعي ترقي بلوچستان جي ام??، استحڪام ۽ ترقي س??ن ڳنڍيل آهي، اتحادي حڪومت بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۽ مقامي ??ڱن مڙسن سان گڏجي مستقبل جي لاءِ لائحه عمل جي تعين لاءِ پرعزم آهي.