ڪوئي??ا ?? 01 – آگسٽ (اي پي پي) روينيو واري صوبا??ي وزير مير س??ندر خان عمراڻي چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڪش??ير?? عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن، اسان ڪش??ير?? عوام تي ظلم ۽ تشدد جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلوچستان جي روينيو واري وزير چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪشمير جي علائقي ۾ زبردستي پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذرڻ جي باوجود ڪش??ير?? عوام جهڙي طرح ڀارتي سرڪار جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، بزرگن، جوانن، عورتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان لاءِ ته اهي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مير س??ندر خان عمراڻي چيو ته ڪش??ير??ن ??ي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح والاريل ڪشمير جي معصوم عوام پنهن??ي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري رهي آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئين ۽ آزاد زندگي جو سفر شروع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آهي ته اها به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ڏاڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي ۽ انهن جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جي عوام هاڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري مان اميد لڳا??ي ويٺي آهي ته اهي انهن جي قسمت جو فيصلو حق ۽ اصولن جي بنياد تي ڪن ۽ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ کان انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.