سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال ج?? ل??ءِ لڳايل ??ري ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪرايو ويو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثرين جي بحالي ل??ءِ کنيل ??دمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثرين جي ل??ءِ 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ميڊيڪل ٽيمون ۽ موبائيل اسپتالون به ڪم ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرين جي ڪافي مدد ڪئي آهي، ان کانسو??ءِ پاڪستان آرمي ۽ نيوي به ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي ل??ءِ کنيل ??دمن ۽ ضرورتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.