آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو آهي. قزاخستان جي گادي وا??ي شهر آستانه پهچڻ تي وز??را??ظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائب وز??را??ظم نور سلطان بايوف وز??را??ظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهي. وز??را??ظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وز??را??ظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي سيڪا جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وز??را??ظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ وز??را??ظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراهي اجلاس اربع کان آستانه ۾ شروع ٿيندو.