اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان جو نالو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي گر?? لسٽ مان نڪرڻ تي الله تعاليٰ جا ٿورا مڃيندي ۽ قوم کي مبار??با?? ڏيندي چيو آهي ته اهو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، گر?? لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان کي فيٽف جي گر?? لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، پاڪستان جو سر بلند ٿيڻ تي منهنجو ڪنڌ الله تعاليٰ جي آڏو شڪر سان جهُڪيل آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ وقار جي بحالي قوم کي مبارڪ هجي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهو اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي دنيا تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته فيٽف ۾ شامل ملڪن جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزارت، سمورن لاڳاپيل عملدارن ۽ وزارتن کي مبار??با?? ڏيان ٿو، پاڪ فوج، ڊي جي ايم او سميت ٻي سموري ٽيم کي مبار??با?? ڏيان ٿو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار تي ساراهيون ٿا ۽ مبار??با?? ڏيون ٿا. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت جي اتحادي پارٽين ۽ قائدين جا ٿورا مڃان ٿو جن ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن بڻايو، الحمدالله نواز شريف جي دور وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي فيٽف جي گر?? لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته اين آر او جا الزام برداشت ڪري قومي مفاد جي خاطر مخالف ڌر ۾ به اسان ان معاملي تي پورو تعاون ڪيو، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ اڄ اها ڪاميابي عطا فرمائي. هن چيو ته گر?? لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا، ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ وڌيڪ به خوشخبريون اينديون.