فيصل آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪش??ير جي يوم سياهه جي موقعي تي پنجاب آرٽس ڪائونسل فيصل آبا?? جي اهتمام هيٺ تصويري نمائش سڀاڻي 27 آڪٽوبر خميس ڏينهن ٿيندي. آرٽس ڪائونسل جي ترجمان ٻڌايو ته نمائش ۾ والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي فوج جي ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جي تصويري عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ شهرين ۽ خاندانن جي لاءِ نمائش جي ڏس ۾ خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن ڪش??يري ڀائرن سان ٿيندڙ ظلم کي اجاگر ۽ انهن سان ڀرپور يڪجهت?? يقيني بڻائي سگهجي.