اسلام ??با?? – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف عالمي سطح تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي هڪ مثال جي طور تي پيش ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي جي واضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوا??ي سان واعدن کي عملي شڪل ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن ڪوپ – 27 ۾ اعليٰ سطح تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي هڪ مثال جي طور تي پيش ڪيو ته موسمياتي تبديلي ڪنهن ملڪ کي ڪهڙي طرح نقصان پهچائي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته هن عالمي اڳواڻن جو ڌيان وڏي پئم??ني تي مالياتي خال کي پورو ڪرڻ، زيان ۽ نقصان کي ايجنڊ?? ۾ ??امل ڪرڻ جي ضرورت طرف ڇڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته مون دنيا تي زور ڏنو ته اها موسمياتي تبديلي جي واضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوا??ي سان پنهنجي واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿئي. هي صورتحال موسمياتي تبديلي جي چئلينج جي خلاف صلاحيتن، ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي رخ ۾ تبديلي جي گهرج ڪري ٿي.