اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز پاران اشتعال انگيز فائرنگ جي ??اقعي جي سخت مذمت ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي ضرو??ت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اميد ظاهر ڪئي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف افغان حڪومت پاران سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سرحد جي ??نهي طرفن شهري آبادي جو تحفظ ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي. صدر واقعي ۾ مارجي ??يلن جي ??اءِ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.