اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقست??ن جا لاڳاپا تاريخ، مذهب ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قازقستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قازقستان پارليامينٽ (هيٺئين ايوان) جي چيئرمين يرلان ڪوشانوف جي قيادت ۾ 9 رڪني پارلياماني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قازقست??ن جي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت تي روشني وڌي جيڪي تاريخ، مذهب ۽ ثقافت ۾ گهرا ڳنڍيل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قازقستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. قازقست??ن جي صدر قاسم جومارت توڪاليف سان آستانه ۾ سيڪا سربراهي اجلاس ۽ سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ملاقاتن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ لاجس??ڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي قائم ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو قازقست??ن جي صدر جي پاڪست??ن جي دوري جو منتظر آهي. هن ٻڌايو ته پاڪست??ن جلد ئي وچ ايشيائي رياستن سان سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رستي ۽ ريل رابطن تي ڌيان ڏنو ويندو. يرلان ڪوشانوف وزيراعظم کي بين الپارلياماني دوستي گروپ جي اجلاس بات آگاهه ڪيو جيڪو قازقست??ن جي پارلياماني وفد جي جاري دوري دوران منعقد ٿيو. هن پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته قازقستان پاڪست??ن جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن ٻطرفي واپار ۽ رابطن، دواسازي جي صنعت ۽ سرجيڪل ۽ راندين جي سامان ۾ تعاون ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻطرفي واپار کي گهٽ مدي ۾ آساني سان ٻيڻو ڪري سگهجي ٿو. قازقست??ن جي عو??م ۽ هڪومت پاران قازقست??ن جي پارليامينٽ جي هيٺئين ايو??ن جي چيئرمين پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو رابطن بابت خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا.