اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻ??رفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمن?? آهي، پنجاب ۽ ڪيليفورنيا واپار، سيڙپڪاري، زر??عت، آءِ ٽي، تعليم سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ج?? رياستي اسيمبلي جي ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسيمبلي ميمبر ايلوائس ريئس، مائيڪ گپسن ۽ وينڊي ڪيريلو شامل هئا. ڪيليفورنيا ج?? اسيمبلي ميمبرن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻ??رفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمن?? آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي. ان پس منظر ۾ 9 جنوري 2023ع تي ڪيليفورنيا ۽ پنجاب جي وچ ۾ ”سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن“ تي صحيحون هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. پنجاب ۽ ڪيليفورنيا گڏيل دلچسپي جي شعبن بشمول واپار، سيڙپڪاري، زر??عت، آءِ ٽي، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عوام سان عوام جي رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪرس هولڊن وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.