اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ايندڙ هفتي ڪوالالمپور ۾ ٿيندي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ايجنڊا ۾ سياسي، سيڪيورٽي ۽ فوجي تعاون کانسواءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا، سائنسي ۽ ٽيڪنالا??ي ۾ تعاون، صحت، سياحت ۽ ثقافت تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي. تر??ما?? چيو ته ڌريون علائقائي ۽ عالمي مسئلن بشمول ايشيا پيسفڪ خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، موسمياتي تبديلي ۽ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.