اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏ??ڻ ڪوريا جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن کي واپار ۽ م??يشت جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪورين ڪمپنين ۽ ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين ۽ سهولتن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏ??ڻ ڪوريا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ممتاز زهره بلو?? سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.