اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائرس بابت عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيندي چ??و آهي ته ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اولهه ميڊيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ميڊيا ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ انتهائي ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ميڊيا جي فرنٽ لائين تي رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي سدائين ياد رکيو ??يندو، ميڊيا عوام کي صحيح معنيٰ ۾ وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ بابت احتياطي تدبيرن کا?? آگاهه ڪ??و آهي، ٽاڪ شوز ذريعي عالمي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪارائتن مشورن سان عوام ۾ وائرس بابت شعور اجاگر ٿ??و آهي.