اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قرضن ۾ رليف جي لاءِ جي 20 ملڪن جي قدمن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن وٽ ايترا مالي وسيلا ناهن جو هو پنهنجي معيشت کي بحال ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪري سگهن، ڪ??رو??ا هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان سان گڏجي عالمي انداز ۾ منهن ڏيڻو آهي، ڪ??رو??ا وائرس جي پکيڙ دنيا ??ي معيشتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان جو روانگي واپار به متاثر ٿيو آهي، ترقي يافته ملڪ جيڪڏهن ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻن ته سڀئي مشڪل صورتحال مان نڪري سگه?? ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪ??رو??ا ۽ ان کانپوءِ ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري بابت عالمي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪينيڊا ۽ جميڪا جا وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي اجلاس جي صدارت ڪئي.