اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي خوراڪ واري صوبائي وزيرن سميت خوراڪ جي صوبائي سيڪريٽري ۽ ايس ايم بي آر جا ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا کي ڪڻ?? جي فراهمي جي معاملي تي غور ڪيو ويو، اسپيڪر چيو ته خيبرپختونخوا کي ضرورت موجب ڪڻ?? جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪي پي ڪي جي خوراڪ واري وزير چيو ته هلندڙ سال خيبرپختونخوا ۾ ڪڻ?? جي پيداوار ان جي ضرورت کان گهٽ آهي ، پنجاب جي خوراڪ واري وزير خاطري ڪرائي ته خيبرپختونخوا ۾ ڪڻ?? جي ضرورت پورو ڪرڻ ۾ مڪمل تعاون ڪنداسين.