اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي سان گڏ ڪچي آبادين کي ترقي يافته علائقن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ها??وس??گ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انهن علائقن ??ي ترقي لاءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي ج??ڙين، انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل لاءِ به طريقيڪار تيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪچي آبادين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ جمشيد ڪوارٽراز، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ ريلوي ڪچي آبادين جي ترقي ۽ انهن جي رهواسين کي متبادل انتظامن جي فراهمي ج?? سلسلي ۾ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ها??وس??گ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انهن علائقن ??ي ترقي ج?? لاءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي ج??ڙين. انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل لاءِ پڻ طريقيڪار تيار ڪيو وڃي.