اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ملڪيت روز ويلٽ هوٽل ڏانهن 105 ملين ڊالر قرضن ۽ رهتن جي ادائگي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ موجود هوٽل جي قرض جي شيڊيول موجب ادائگي ۽ ري فنانسنگ جو طريقيڪار طئي ڪر?? جي لاءِ ناڻي واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سان مشاورت ڪرڻ ۽ ان جي منظوري جي لاءِ اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سازگار مارڪيٽ جي صورتحال جي بنياد تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آف شو?? پاڪستان رپ??ا لنڪڊ بانڊز جاري ڪرڻ ۽ ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم ۾ لاڳاپيل طريقيڪار تي پورو لهندڙ سمورن پاڪستاني شهرين کي شامل ڪر?? جي ڏس ۾ پروگرام جي اهم شرطن تي نظرثاني جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس ۾ 2013ع کان التوا هيٺ پيل 5 ڪروڙ ر??ين تائين جا انڪم ٽيڪس ري فنڊ جي ادائگي لاءِ 40 ارب ر??ين جي منظوري ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان انٽرنيشنلايئرلائينز جي نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل پاران 105 ملين ڊالر قرض جي حوالي سان سموري رهتن ۽ ذميوارين جي ادائيگي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي روز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مسئلن جي حل لاءِ هوٽل پاران مليل قرضن جي شيڊيول موجب ادائيگي يا ري فنانسنگ جي ڏس ۾ ناڻي واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سانمشاورت سان طريقيڪار طئي ڪرڻ ۽ ان کي منظوري جي لاءِ اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ پروگرام (ايس اي پي) تحت ليپس ٿيل 8.01 ارب ر??ين جي فنڊن کي فني گرانٽس ذريعي لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ ٻيهر مختص ڪر?? جي ڏس ۾ ڪابينا ڊويزن جي تجويز جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ زندهه جانورن ۽ انهن جي گوشت جي مصنوعات جي عالمي واپار کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ان حوالي سان واپار کي عالمي قاعدن ۽ طريقيڪار کي لاڳو ڪر?? جي ڏس ۾ درآمدي پاليسي آرڊر 2016ع جو جائزو ورتو ۽ ان ۾ ترميمن جي منظوري ڏني.