ڪراچي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. برساتن سبب سڄي سنڌ تباهه ٿي آهي پر ميڊيا جو ڌيان ڪراچ?? تي گهڻو رهيو، صوبي ۾ بنيادي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ض??وري آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي بدين جي دوري جي موقع?? تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ??يو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اربع ڏينهن گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ بدين ضلعي جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ??يو. ان موقع?? تي ساڻس گڏ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر جمال صديقي، بيرسٽر حسنين مرزا، سنڌ جي گورنر جو مشير علي جوڻيجو، اخوت فائونڊيشن جو سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب به پڻ موجود هئا.