اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي 441 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض وائرس جي ڪري فوت ٿيا، سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس جي اي??ٽو ڪيسن جو تعداد 5 هزار 540 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار 81 ڪور??نا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 292، پنجاب ۾ 9 هزار 781?? خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 522، اسلام آباد ۾ 2 هزار 476، بل??چستان ۾ 434، گلگت بلتستان ۾ 308، آزاد ڪشمير ۾ 268 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 87 هزار 950 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بل??چستان ۾ ڪو به ڪور??نا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 99 ڪور??نا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 855 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 356، بل??چستان ۾ 13 هزار 227، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 137، اسلام آباد ۾ 15 هزار 840?? خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 755، پنجاب ۾ 97 هزار 461 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 115 مريض آهن.