اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس ڪفالت تحت مستحقين جي داخلا جو جائزو وٺڻ ۽ ا??هن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ل??ءِ اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪندو، نئين مستحقين جي داخلا نئين سروي جي انگن ??کر?? تي ٻڌل آهي، احساس سروي 68 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ نئين سروي تحت نشاندهي ڪيل مستحق ماڻهن کي اڄ اربع کان ادائيگيون ڪيون وينديون. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن پاران جاري پڌرائي موجب نئين سروي ذريعي داخل ڪيل سمورن مستحق ماڻهن کي مستقل بنيادن تي 2000 رپيا ماهوار ڏنا ويندا ته جيئن انهن جي بنيادي ضرورتن ۾ انهن جي مدد ڪري سگهجي. مجموعي طور تي 70 لک مستحقين کي احساس ڪفالت ۾ شامل ڪيو ويندو، انهن کي جنوري کان جون 2021ع تائين جي مدي ل??ءِ 12000 رپيا ڏنا ويندا. هر مستحق کي ايس ايم ايس ملندو ج??هن ۾ اهو ٻڌايو ويندو ته انهن کي احساس پروگ??ام ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ا??ي پنهنجي امدادي رقم وصول ڪري سگهن ٿا. ان کانسو??ءِ ان حوالي سان انهن کي هڪ سرڪاري خط پڻ ملندو. اهي مستحق عورتون 6000 رپيا في ٽه ماهي وصول ڪنديون. خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا مستحقين بائيو ميٽرڪ اي ٽي ايمز، مقرر ڪيل ريٽيل شاپس ۽ بئنڪ الفلاح جي ڪئمپ سائيٽس تان جڏهن ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد جا مستحقين حبيب بئنڪ جي ڪئمپ سائيٽس تان رقم ڪڍرائي سگهندا. مستحق خاندانن کي ادائيگي جا پيغام مرحليوار بنيادن تي موڪليا پيا وڃن.