اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) گهرو و??ير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نظام کي نقصان پهچائڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي، مونکي خوشي آهي ??ه مولانا فضل الرحمان سميت اسيمبلين جي ??عن?? وجهندڙ اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهري رهيا آهن، ن??از شريف جي پاسپورٽ جو مُدو اڱاري جي رات 12 وڳي ختم ٿي ويندو، جيڪڏهن هو درخواست ڏيندو ته پاڪستان واپسيءَ لاءِ 72 ڪلاڪن ۾ کيس ايمرجنسي ٽريلونگ ڊاڪيومينٽس جاري ڪنداسين. ن??از شريف ۽ مريم ن??از اي سي ايل تي آهن، ان لاءِ سندن پاسپورٽ جي تجديد نٿي ڪري سگهجي. سينيٽ اليڪشن ۾ ڪو سرپرائيز نه ٿيندو، عمران خان سرخرو ٿيندو، سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ سياسي سڪون ۽ بهتري ٿيندي، اپوزيشن رمضان جو احترام ڪري ۽ لانگ مارچ رمضان کانپوءِ ڪري. گهرو و??ارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو و??ير شيخ رشيد احمد چيو ته ويزا سيڪشن مان 50 آفيسرن کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو پنهنجي چارج نه ڇڏيندو ان کي فارغ ڪيو ويندو، 10 سالن جي پاسپورٽ جي فيس 4500 رپيا هوندي، 2 لک ماڻهن کي اِي ويزا ڏني ويندي، 4 هفتن ۾ ويزا جاري ڪئي ويندي، ايجنسيز کي 4 هفتن ۾ رپورٽ ڪليئر ڪري ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ن??از شريف جي پاسپورٽ جو وڏو گوڙ آهي، سندس پاسپورٽ جو مُدو اڱاري واري رات جو 12 وڳي ختم ٿي ويندو. 20 آگسٽ 2018ع کان ن??از شريف ۽ مريم ن??از اي سي ايل تي آهن، نيب جي هدايتن تي سندن نالو اِي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي، ڪابينه پڻ مريم ن??از جو نالو اي سي ايل ۾ وِجهڻ جي منظوري ڏني، جنهن شخص جو نالو اي سي ايل ۾ هجي ان کي پاسپورٽ جاري نٿو ڪري سگهجي، ن??از شريف جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ته 72 ڪلاڪن ۾ کيس سندس درخواست تي پاڪستان اچڻ لاءِ ”اي ٽي ڊي“ جاري ڪري سگهجي ٿو پر هو پاڪستان اچڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ سندس اعلان رڳو سياسي آهن، کيس ٻاهر وڃڻ جي جيڪا اجازت ملي هئي تنهن جو هن غلط استعمال ڪيو هاڻي عدالت به کيس وطن واپس اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ن??از شريف کي وطن واپس اچڻ کان نه پيو روڪيو وڃي هو و??پس اچڻ چاهي ته هاڻي درخواست ڏئي، کيس تفريحي دستاويز جاري ڪري ڇڏينداسين. گهرو و??ير چيو ??ه مونکي خوشي آهي ??ه مولانا فضل الرحمان سميت جيڪي اسيمبلين تي ??عن?? اُماڻيندا هئا اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهرندا پيا وتن، نظام کي ڊانواڊول ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي.