ترجمو: صنم جوڻيجو/روپ ميگهواڙ
خصوصي فيچر
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي غذائي ضرورتن جي حوالي سان درپيش هڪ اهم مسئلو کاڄري تيل جي گهرج ۾ مسلسل اضافو آه??، جنهن کي پورو ڪرڻ لا??ِ هر سال اربين روپين جو کاڌي وارو تيل درآمد ڪرڻو پوندو آه??، ملڪ ۾ پنهنجي ضرورت جو کاڄرو تيل صرف 32 سيڪڙو پيدا ٿي رهيو آه?? جڏهن ته 68 سيڪڙو درآمد ڪيو ويندو آه??. کاڄرو تيل جي درآمد تي دارومدار ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ پيداوار وڌائڻ لا??ِ زيتون سميت ٻين تيل وارين جنسن جي پوک ۾ اضافي جي تمام گهڻي ضرورت آه??. سڄي دنيا ۾ زيتون جو پوکي وارو رقبو ساليانو ڏيڍ سيڪڙو جي شرح کان وڌي رهيو آه??. خوراڪ ۽ زراعت بابت گڏيل قومن جي عالمي اداري جي مطابق سال 2018ع ۾ عالمي سطح تي زيتون جي پوک هيٺ رقبو هڪ ڪروڙ 5 لک 13 هزار 320 هيڪٽر هو جيڪو سال 2000ع جي مقابلي ۾ 26 سيڪڙو کان وڌيڪ آه??. رپورٽ موجب سال 2000ع جي مقابلي ۾ 2018ع دوران زيتون جي پيداوار ۾ 35 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آه??. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ زيتون جي پوک، ميون جي پيداوار ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ تيل جي حوالي سان اسپين سرفهرست آه??.
زرعي ماهرن موجب زيتون جي ڪامياب پوک لا??ِ اهڙي آبهوا جي ضرورت هوندي آه?? جتي گرمين ۾ موسم خشڪ ۽ سردي ۾ گرمي پد ڪجهه عرصي لا??ِ 7 ڊگري کان گهٽ هجي ۽ مينهن گهٽ پوندا هجن، زيتون جو وڻ سدابهار آه?? ۽ اهي علائقا جنهن جو گرمي پد 20 کان 25 ڊگري سينٽي گريڊ هجي اتي ان جي وڌيڪ پيداوار حاصل ٿيندي آه??. زيتون جو ٻوٽو گرم صحرا کان وٺي برف سان ڍڪيل جابلو چوٽين تائين پوکي سگهجي ٿو. زيتون جي وڻ تي ميوو ٽن کان چئن سالن کانپوءِ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته واپاري پئماني تي پيداوار ڇهين سال ملڻ شروع ٿي ويندي آه?? ان جي سٺي قسمن جي سراسري پيداوار 50 کان 60 مڻ في ايڪڙ تائين رڪارڊ ڪئي وئي آه??، سڀ کان اهم ڳالهه اها آه?? ته زيتون جي پوک ٻين فصلن جي پوک کي به متاثر نٿي ڪري.
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آه?? ته موجوده حڪومت زيتون جو انقلاب کڻي اچي رهي آه??، صرف زيتون جي پيداوار تي ئي ڌيان ڏيون ته نه رڳو درآمد وڌڻ سان اربين روپيا بچي سگهن ٿا پر اسان پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ زيتون کي برآمد ڪري اربين ڊالر ڪمائي به سگهون ٿا. ان حوالي سان تازين تقريبن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان کي مشڪل اها آه?? ته اسان کاڄرو تيل درآمد ڪندا آه??ون، اسان هن وقت ٽي ارب ڊالرن جو کاڄرو تيل درآمد ڪري رهيا آه??ون اهو ئي سبب آه?? جو اسان جي ملڪ ۾ گيهي مانگهو ٿي ويندو آه??. هن چيو ته اسان کي زيتون جي پوک تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سنڌو درياءُ جي اولهندي علائقن ۾ مينهن گهٽ پوندو آه??، فصل ناهن ٿيندا، ان لا??ِ اها زيتون جي پوک لا??ِ گهڻي فائديمند جڳهه آه??، ان کانسواءِ بلين ٽري منصوبي ۾ به زيتون جي پوک تي ڀرپور ڌيان ڏينداسين.
هن وقت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 27 هزار هيڪٽر رقبي تي زيتون پوکيو ويو آه??، تنهن هوندي به زيتون جي پوک هيٺ رقبي کي 70 هزار ايڪڙ کان وڌايو ويندو. گذريل سال آبادگارن کي زيتون جي وڻڪاري جي لا??ِ پنج لک 50 هزار ٻوٽا فراهم ڪيا ويا هئا. 23 -2022ع تائين وڌيڪ 50 هزار ايڪڙ رقبي تي زيتون جا ٻوٽا پوکيا ويندا ۽ هلندڙ وڻڪاري مهم دوران زيتون جا 23 لک نوان ٻوٽا لڳايا ويندا. زرعي ماهرن ملڪ جي مختلف علائقن جي نشاندهي ڪئي آه?? جتي زيتون جي ڪاروباري بنيادن تي پوک ڪري سگهجي ٿي. ان جو چوڻ هو ته زيتون جي وڻڪاري جي فروغ لا??ِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري تحت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زيتون جي ٻوٽن جون 10 نرسريون به قائم ڪيون ويون آه?? ۽ خريف جي مند جي تازي وڻڪاري مهم دوران انهن نرسرين مان هڪ ملين ٻوٽا خريد ڪيا ويندا، جيڪي فيڊرل سيڊ رج??ٽريشن اينڊ سرٽيفڪيشن اٿارٽي مان باقاعده منظور ٿيل هوندا. ملڪ ۾ زيتون جي پيداوار ۾ مسلسل اضافي جو رج??ان آه?? ۽ اميد آه?? ته هلندڙ مند ۾ قومي پيداوار 11 هزار ٽن کان ٽپي ويندي. جنهن سان زيتون جي تيل جي پيداوار به وڌندي.
جيڪڏهن پاڪستان جي مختلف علائقن جي موسمي حالتن ۽ نوعيت کي ڏٺو وڃي ته سنڌو درياءُ جي ڀرپاسي جي علائقن، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد زيتون جي پوک لا??ِ بهترين آه??، جڏهن ته پوٺوهار خطي کي زيتون جي پوکي لا??ِ انتهائي موزون علائقو سمجهيو ويندو آه??.
هلندڙ سال پوٺوهار خطي ۾ زيتون جي پوک جي حوصلا افزائي لا??ِ آبادگارن کي زيتون جا 12 لک 10 هزار ٻوٽا مفت فراهم ڪيا ويا آه?? ۽ انهن کي زيتون جو تيل ڪڍڻ جي سهولت به مهيا ڪئي وئي، جڏهن ته پوٺوهار خطي ۾ زيتون ۽ ٻين هائي ويليوز فصلن جي پيداوار کي وڌيڪ ڪامياب بڻائڻ لا??ِ جامع حڪمت سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو آه??. پنجاب جي زراعت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني جو چوڻ آه?? ته ملڪي کاڄرو تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لا??ِ زيتون جي باغن کي وڌيڪ سهولتن جي فراهمي کي به يقيني بڻايو ويندو ته جيئن هو ملڪي کاڄرو تيل جي پيداوار کي وڌائڻ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. هڪ اجلاس ۾ هن چيو ته زرعي سائنسدانن کي زيتون ۽ ٻين هاءِ ويليو فصل پوکڻ جي نئين قسمن کي متعارف ڪرائڻ لا??ِ تحقيقي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پوٺوهار خطو مختلف ميوون جي پوک لا??ِ انتهائي موزون آه?? ۽ ان حوالي سان آبادگارن جي وڌيڪ ٽيڪنيڪي رهنمائي وقت جي اهم ضرورت آه??.
پاڪستان زرعي تحقيق ڪائونسل (پي اي آر سي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زيتون جي پيداوار وڌائڻ ۽ گهٽ لاڳت تي ٻڌل آبادڪاري جي فروغ تي ڌيان ڏئي رهي آه?? ۽ ان سلسلي ۾ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آه??، ان ڏس ۾ پاڪستان زرعي تحقيقي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي زيتون بابت نيشنل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽ?? محمد طارق جو چوڻ آه?? ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آه?? ۽ ملڪ ۾ اهڙي وڌيڪ زمين موجود آه?? جتي زيتون پوکي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ جهنگلي زيتون جي پيوندڪاري ڪري به پيدوار حاصل ڪري سگهون ٿا. اهو وفاقي حڪومت جو هڪ دانشمنداڻو فيصلو آه?? ته ملڪ ۾ زيتون جي پوک کي وڏي پئماني تي فروغ ڏنو وڃي، ان سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر ٻهراڙي جي معيشت کي بهتر بڻائي سگهبو. زيتون جي پوک سان ماڻهن کي تمام گهڻا موقعا ملندا ۽ خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن کي زيتون جي ويليو ايڊيشن جي عمل ۾ شامل ڪري انهن جي لا??ِ روزگار جا موقعا به وڌائي سگهجن ٿا.
ملڪ ۾ زيتون جي پوک جي فروغ لا??ِ حڪومت جي سطح تي قدمن سان گڏوگڏ نجي شعبو به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آه?? ان ڏس ۾ النور زرعي فارمز ڪلهرڪار، چڪوال جي جنرل مئنيج?? محمد عزيز ملڪ پوٺوهار خطي ۾ زيتون جي پوک جي باري ۾ چيو ته اسان جا فارم 200 ايڪڙن تي مشمل آه?? ۽ انهن ۾ 40 کان 50 ايڪڙ تي زيتون جي پوک ڪئي وئي آه??، پوٺوهار خطي ۾ حڪومت جي تعاون سان ان فارم کي اڳتي وڌائي رهيا آه??ون جتي زيتون جي پلانٽس جي مجموعي تعداد تقريبن 7 هزار آه?? ۽ ان ۾ هڪ سال کان وٺي پنجن سالن تائين جا ٻوٽا شامل آه??. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته چوٿين ۽ پنجين سال زيتون جي ٻوٽن مان پيداوار شروع ٿي ويندي آه??. هن چيو ته وزيراعظم زيتون جي پوک کي تمام وڌيڪ ترجيح ڏئي رهيو آه??، پاڪستان ۾ زيتون جي پوک جو منصوبو انتهائي خوش آئنده آه?? ان سان ملڪ جي ڪافي پرڏيهي جي ناڻي بچت ڪري سگهجي ٿي. ڇو ته اسان ملڪن جي اندر زيتون جي پوک ڪري کاڄرو تيل جي پيدوار وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته پوٺوهار خطي کانسواءِ خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ زيتون جي پوک کي فروغ ڏيڻ گهرجي، زيتون جي پوک لا??ِ تمام گهڻي زرخيز زمين جي به ضرورت ناهي هوندي ۽ عام زمين تي به زيتون جي پوک ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ زيتون مان وڌيڪ عرصي تائين پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي جيڪڏهن ان جي مناسب سارسنڀال ڪئي وڃي ته سئو سال کان مٿي تائين ان مان پيداوار وٺي سگهجي ٿي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي زيتون جي پوک تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان سان نه رڳو هو پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏئي سگهن ٿا پر ملڪ کي به ان مان فائدو ٿيندو.
پنجاب ۾ پوٺوهار خطي سميت ٻين علائقن کانسواءِ خيبرپختونخوا صوبي ۽ بلوچستان ۾ زيتون جي وسيع رقبي تي پوک لا??ِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ به زيتون جي پيداوار جي گهڻي گنجائش موجود آه??، زيتون جي پوک ۾ اضافي سان گڏوگڏ مختلف علائقن ۾ پراسيسنگ جي پلانٽ تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومتن پهرين ئي مختلف علائقن ۾ ٽي پلانٽس قائم ڪري ڇڏيا آه??، جڏهن ته نجي شعبو به ان حوالي سان سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيو آه??، ان کانسواءِ حڪومت به ان جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهي آه?? ته جيئن زيتون جي پيداوار ۽ ان جي تيل ڪڍڻ جي عمل کي جديد بينادن تي فروغ ڏئي سگهجي، زرعي ۽ اقتصادي ماهرن اميد رکن ٿا ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوک ۾ اضافي جو رج??ان ۽ خصوصي قدمن جي ڪري مستقبل ۾ مقامي گهرج پوري ٿيڻ کانسواءِ اضافي پيداوار جي ذريعي قيمتي پرڏيهي ناڻو نه رڳو بچائي پر ڪمائي به سگهبو.