اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 144 فوتگيون ٿيون جنهن مان 57 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 870 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرا??وا??ا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 65 سيڪڙو مريض آ??ن. ??هڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 76 سيڪڙو، گجرا??وا??ا ۾ 85 سيڪڙو، نوشهره ۾ 71 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 70 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 818 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 659، پنجاب ۾ 26 هزار 91، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 729، اسلام آباد ۾ 4 هزار 713، بلو??ست??ن ۾ 1 هزار 135، گلگت بلتستان ۾ 391، آزاد ڪشمير ۾ 1100 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ??نگ 6 لک 82 هزار 290 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلو??ست??ن ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 562 مريض آ??ن. ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو ??نگ 84 هزار 976 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو ??نگ 7 لک 84 هزار 108 آهي.