اسلام آباد – 05 جو?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظه??ر راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت پنهنجي حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ سڀني کي اظه??ر راءِ جي آزادي حاصل آهي، پاڪستان ميڊيا ??ول??مينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز سان خيالن جي ڏي وٺ جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي ??هي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائي ??هي آهي