اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا کي هدايت ڪئي آه?? ته بلوچستان جي سمورن ضلعن جو دورو ڪر?? ته جيئن عوام جي مسئلن جي حل جي حوالي سان موثر قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان صو??ي سان بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن خاص طور تي ڪوئيٽا کان ڪشميري پناهگيرن جي لاءِ مخصوص سيٽون کٽڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم گورنر کي هدايت ڪئ?? ته هو بلوچستان جي سمورن ضلعن جو دورو ڪر?? ته جيئن عوام جي مسئلن جي حل جي حوالي سان موثر قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي.