اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪ??ي آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر ??وران ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سوالن جا سڌوسنئون جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر ????ي آهي، ڀارتي قسم جو اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو، عوام ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪري، پاڪستان ڪورونا جي خلاف صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪيا، پاڪستان انهن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي جن بهتر حڪمت عملي سان ڪورونا تي ضابطو آندو، حڪومت جي وقت سر ۽ صحيح فيصلن جي نتيجي ۾ عوام ۽ معيشت کي تح??ظ فراهم ڪيو، ملڪ ۾ هيستائين 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي و??ي آهي.