اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپم??نٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) جي تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سا?? مشاورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي ميمبرن سا?? پڻ تجويزون شيئر ڪيون ويون آهن، ڪنهن جي اعتراض جي صورت ۾ ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي اجلاس جي صدارت ڪمي??ي جي چيئرمين جاويد لطيف ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ صحافتي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپم??نٽ اٿار??ي جي تجويزن تي ٻڌل فريم ورڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آندو آهي، اهي تجويزن ڪمي??ي جي ميمبرن ۽ ڌرين سا?? شيئر ڪري رهيا آهيون، انهن تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سا?? مشاورت ڪئي وئي آهي. ڪمي??ي جي چيئرمين جاويد لطيف چيو ته اسان سڀني جو مقصد رياست جو خيال رکڻ آهي، پي ايم ڊي اي تي وڌيڪ صحافتي تنظيمن سا?? مشاورت جي لاءِ ذيلي ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪري مشاورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.