اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي ا??لا?? ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير ات??ڪو??چ وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ??لا??ات ڪئي. ??لا??ات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ش??هه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا ا??لا?? باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي ش??بي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير ات??ڪو??چ شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.