اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيص?? چيو آهي ته صوابي ۾ پهريون ڀ??رو تاريخي ترقي جي شروعات ٿي آهي جنهن جا ڏورس نتيجا ايندڙ نسلن تي پوندا، صوابي جي عوامي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان، سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنج پير صوابي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ ??حت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. باچا خان ڪمپليڪس شاهه منصور کان ريفر ٽ?? پشاور کي ختم ڪيو ويندو ۽ عوام کي هر قسم جون ??حت سهولتون پنهنجي ضلعي ۾ دستياب هونديون. اسپيڪ?? چيو ته صوابي ۾ يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.