اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان سان خي??رپ??تونخواهه جي وڏي وزير محمود ??ان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خي??رپ??تونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي فيز 2 ۽ پارٽي تنظيم سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران ??ان کي صوبي ۾ جاري مختلف ترقياتي منص??بن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خي??رپ??تونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ ڪاميابي جي لاءِ پارتي صفن ۾ اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ممڪن قدم کنيا وڃن. هن صوبي ۾ سمورن جاري ترقياتي منص??بن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن صوبي ۾ رهندڙ ماڻهن کي ??لد کان ??لد رليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.