اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. اها ڳالهه هن ??وا??ي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر (وچ اوڀر خطي) وانگ شن لي سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وفد سميت ??رڏ??هي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??وا??ي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر ??رڏ??هي وزير کي پاڪستان ۾ سماجي ذميداري تحت جاري قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ??رڏ??هي وزير ??وا??ي ٽيڪنالاجي پاران پاڪستان ۾ سرڪاري آفيسرن لاءِ ٽيڪنيڪي تربيتي ڪورسز جاري ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا جي دوران سماجي بندشن جي ڪري ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان موجوده گهرجن کي نظر ۾ رکندي ??رڏ??هي وزارت ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان موثر قدم کنيا، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا 114 سفارتخانا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ڪري ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهن، سفارتخانن ۾ قائم ڊجيٽل سينٽرز جي ڪري ڪاغذن جي آن لائين تصديق سميت ڪيترين ئي قونصلر خدمتن جي فراهمي جو سلسلو ڪاميابي سان جاري آهي. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ”پورٽلز“ انهي ڊجيٽلائيزيشن جي فروغ جو نتيجو آهن. ??وا??ي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر وانگ شن لي حوصلا افزائي تي ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. وفد ۾ ??وا??ي پاڪستان جي سربراهه مارڪ منگ، ڊپٽي سي اي او، ووهان ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ ريليشنز ??وا??ي ٽيڪنالاجيز احمد جهانزيب ملڪ شامل هئا.