اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم، ادب، فنون لطيفه ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف ش??بن ۾ نمايان خدمتن تي ملڪي ۽ غيرملڪي شخصيتن کي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سول اعزازن سان نوازيو آهي. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان هڪ خ??وصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ مختلف ش??بن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي نشان امتياز، هلال امتياز، ستاره پاڪستان، ستاره شجاعت، ستاره امتياز، حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز، ستاره قائداعظم، تمغه شجاعت ۽ تمغه امتياز سان نوازيو ويو. نشان امتياز حاصل ڪندڙن ۾ محمد نعيم، نذر محمد راشد (ن م راشد مرحوم) ۽ مجيد امجد (عبدالمجيد مرحوم) شامل آهن. هلال امتياز حاصل ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر انعام الرحمان، ڊاڪٽر قمر محبوب، طاهر اڪرام، روحيل حيات ۽ ڪشور ناهيد شامل آهن. تقريب ۾ ملائيشيا سان تعل?? رکندڙ محمد غازي عبدالحامد ۽ اومان سان تعل?? رکندڙ شيخ احمد بن حماد الخليلي کي ستاره پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو. ستاره شجا??ت جو اعزاز حاصل ڪندڙن محمد محمد بخش ٻرڙو، ريشمان ٻرڙو ۽ برگيڊيئر شفيع الله خان شامل آهن. ڊاڪٽر سيد حسين ام??م عابدي، راشد رانا، سيد عقيل بلگرامي، محمود الحق علوي (مرحوم) ۽ سلمان اقبال کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو آهي. حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ سيد تجمل حسين، پروفيسر ڊاڪٽر ياسر اياز، شڪيلا ناز ۽ عرفان الله جان شامل آهن. چوڌري خالد محمود (ناروي) کي ستاره قائداعظم جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. تمغه شجاعت حاصل ڪندڙن ۾ محمد اڪبر خان، آنجهاني اقبال مسيح، عبدالغفار شيخ شهيد، ضياءَ حسين شهيد، تبسم شبير اعواڻ، عرفان احمد خان دراني، اسد الله قريشي، محمد علي، احمد علي، صادق حسين، نورالدين، ملڪ دارا خان شهيد، محمد رحيم شاهه، محمد سعيد شاهه، محمد وليد صابر خان، وقار احمد، عبدالقهار خان، جميل احمد ڪلهوڙو ۽ عدنان ملڪ شامل آهن. تمغه امتياز حاصل ڪندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عابد، مومنه دريد قريشي ۽ اسد محمود شامل آهن. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، وزيراعظم جي صلاحڪارن ۽ خاص معاونين سميت زندگي جي مختلف ش??بن سان تعل?? رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. مختلف ش??بن ۾ نمايان خدمتن تي سول اعزاز ڏيڻ جي حوالي سان تقريبون صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پن ٿيون، جن ۾ لاڳاپيل صوبن جي گورنرز صدر پاران اعزاز ڏنا.