اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف ڪرپشن بچائڻ وارو ٽولو ۽ ٻئ?? طرف وزيراعظم عمران خان آهي، قوم فيصلو ??يو آهي ته ملڪي س??لم??ت ۽ وزيراعظم عمران خان سان گڏ ڄمي بيٺل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ??ندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهوڪي جلسي ۾ قوم وزيراعظم عمران خان تي اعتماد پلس ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ٻاهريون قوتون حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوششن ۾ ملوث آهن، عوام فيصلو ??ري ڇڏيو آهي ته هو ملڪي س??لم??ت سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪامياب جلسي جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هڪ عرصي کانپوءِ قوم کي وزيراعظم عمران خان جهڙو اڳواڻ مليو آهي، پاڪستان ۾ هڪ اهڙو مفاد پرست ٽولو آهي جنهن جا مفاد ملڪ کان ٻاهر آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ??ندو، فرخ حبيب چيو ته هر اداري کي ملڪي س??لم??ت عزيز آهي.