اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي قي??تن ۾ اض??في لاءِ اوگرا پاران موڪليل سمري رد ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل جي قي??تن کي برقرار رکيو وڃي ۽ قي??ت ۾ اضا??ي جو بار صارفين تي نه وڌو وڃي. اڄ آچر پهرين مئي کان پيٽروليم مصنوعات جون قيتمون 16 اپريل 2022ع جي سطح تي برقرار رهنديون ۽ پهرين مئي کان به پيٽرول 149.86 روپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 144.15 روپيا ۽ گاسليٽ 125.56 جڏهن ته لائيٽ ڊيزل 118.31 روپين جي پراڻي قي??تن تي ئي وڪرو ڪيو ويندو.