اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچي?? ٽرنر سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، برطانيه جي هاءِ ڪمشنر مريم اورنگزيب کي اطلاعات واري وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ ??ضب??ط بڻائڻ ۽ ان ۾ سگهه لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن، ڊجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي فروغ ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ته فيڪ نيوز پاڪستان سميت پوري دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وزير کي پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته يوم آزادي 14 آگسٽ تي پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتخانن ۽ لنڊن ۾ خصوصي تقريبون ٿينديون. هن چيو ته پاڪ برطانيه لاڳاپا 75 سالن ۾ مسلسل فروغ ورتو، مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضب??ط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، وسيع علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙي تصورن تي ٻڌل ??هن، اسان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.