اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سڀني اتحادين سان گڏجي عوام جي ڀلائي لا??ِ ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لا??ِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس م??اقات ڪئي. وفد ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير آغا حسن بلوچ، توانائي وارو مملڪتي ??زير محمد هاشم نوتزئي، سينيٽر محمد قاسم رانجو ۽ بي اين پي جو جنرل سيڪريٽري جهانزيب ح??ين شامل آهن. ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي اين پي جي وفد پاران حڪومتي ??الي??ين جي مڪمل تائيد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم ??يو ته حڪومت سڀني اتحادي سان گڏجي عوام جي ڀلائي جي ايجنڊا کي پڄاڻي لا??ِ رات ڏينهن محنت ڪري رهي آهي.