انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس رو??نو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ??رڪي جي واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهب??ز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو هو، وزيراعظم شهب??ز شريف دوري دوران صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صدر اردوان وزيراعظم شهب??ز شريف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي ??حيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائ?? جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهب??ز شريف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ????ڪ صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم صدر طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪر?? جي دعوت به ڏني، دوري دوران وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي ??ه حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعظم سان ترڪ پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتون به ڪيون.