اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پاڻ بني گالا ۾ لڪي عوام کي روڊن تي گهرائي رهيو آهي، عمران خان عوام کي احتجاج جي ڪال نه ڏي، پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ماتم ڪري، عوام ڄاڻي ٿي ته مهانگائي جي تباهي عمران خان آندي، آءِ ايم ايف سان ڪمزور بنيادن تي معاهدو عمران خان ڪري ويو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو ذميدار به عمران خان آهي انشاءُ الله عمران خان جي مهانگائي جي لڳايل باهه وسائينداسين. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وز??ر چيو ته عمران خان عوام ڪجهه هيرن، سوين ڪينال زمين ۽ مالي فائدن لاءِ قومي ۽ عوامي مفاد تي سودو ڪرڻ وا??ن سان گڏ نه نڪرندي، عوام ڪوڙي، منافق، نااهل، نالائق سان گڏ نه نڪرندي، نالائقن، نااهلن، چورن ۽ آئين ٽوڙيندڙن جي ڪال تي ڪو به نه نڪرندو. هن چ??و ته عوام مهانگائي، بيروزگاري، معاشي تباهي جي ذميدار، خوني مارچ وا??ن ۽ هٿياربند جٿن سان گڏ نه نڪرندي، عوام بيگناهه پوليس وا??ن کي گوليون هڻي شهيد ڪندڙن سان گڏ ناهي نڪرندي، هن چ??و ته عمران خان ڪال نه ڏي، پنهنجي آيل مهانگائي ۽ معاشي تباهي جي ذميداري جو اعتراف ڪندي الله تعال??ٰ ۽ عوام کان معافي گهري، هن چ??و ته معاشي تباهي ۽ مهانگائي جو گند عمران خان پکيڙيو، حڪومت ان کي صاف ڪري رهي آهي، اطلاعات وا??ي وفاقي وز??ر چيو ته عمران خان سازش ڪئي ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري وڃي، حڪومت، ملڪ ۽ عوام کي بچائڻ آئي آهي، هن چ??و ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پاڪستان جي ساک خطري ۾ وڌي، ان جو ذميدار عمران خان پاڻ آهي.