اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير چوڌري عابد شير علي چ??و آهي ته مظلوم ڪشميري عوام خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي، سڄي پاڪستاني قو?? انه?? سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ انهن جي سياسي، سفارتي، اخلاقي، قانوني، انساني حمايت جاري رکي ويندي، جيستائين ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ پائيدار حل نه نڪرندو خطي ۾ امن ۽ اعتماد جي فضا قائم نه ٿي ٿي سگهي. هڪ ملاقات دوران هن چيو ته ڪشمير جي خصوصي ??يثيت جي خاتمي جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جو هر ٻار احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ عالمي دنيا کان مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ڪشمير مسئلي جي فوري حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميري عوام سان قو??ي جذبي سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي طاقتن جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائينداسين. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قو?? ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي تائين سک سان نه ويهندي. هن چيو ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشمير مسئلي جي سنگيني کي عالمي سطح تي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ مظلوم ڪشميري عوام کي پيغام ڏيڻ آهي ته اها آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي پر پاڪستاني قو?? ا?? سان گڏ آهي. هن چيو ته 5 گسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي ??يثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف ٻار، بزرگ، جوان هر شهري پنهنجي ڪشميري ڀائر?? سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي عالمي دنيا تي واضح ڪري رهيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني قو?? ڪشميري?? سان گڏ بيٺل آهي. اسان ڪشميرين جي ترجماني ڪندي انهن جو آواز هر پليٽ فارم تي اٿارينداسين. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ اسان پنهنجي شهه رڳ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن به قدم کان نه ڪيٻائينداسين.