صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقي صحبت پور ۾ امدادي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته متاثر علا??قن مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم وڌيڪ تيزي س??ن ڪيو وڃي، متاثر علا??قن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فوري پهچائينداسين، ٻوڏ تي سياست نه ڪنداسين. وزيراعظم بلوچستان ??ي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جو دورو ڪيو جتي کيس ٻوڏ جي تباهين، متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ل??ءِ جاري ڪوششن کان ??گاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحبت پور بلوچستان ۾ ٻوڏ کان ??ڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي هتي نقصانن جي گڏيل سروي جلد مڪمل ڪئي ويندي، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فراهم ڪيا پيا وڃن، هيستائين هڪ لک 66 هزار خاندانن کي اها رقم ڏني وئي آهي، متاثرين کي 2 لک 50 هزار مهاريُون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته اڍائي لک وڌيڪ فراهم ڪنداسين، ان کانسو??ءِ خيمن جي فراهمي جو ڪم به جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن علائقي ۾ 122 ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، ميڊيڪل ڪئمپس ۾ 4 لک کان وڌيڪ مريضن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي، پيناڊول ۽ مليريا جون دوائون موجود آهن هتي نانگ جي ڪکڻ سان ٻه فوتگيون ٿيون جڏهن ته ان ??ي ضابطو آندو ويو آهي، حاملا عورتن جي رجسٽريشن جاري آهي، ميڊيڪل ڪئمپ ۾ گائناڪالوجسٽ سميت ٻيو لاڳاپيل عملو موجود آهي، مقامي ايم پي اي وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته هتي ماڻهن جا گهر ۽ زراعت تباهه ٿي چڪي آهي، شهر مان پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته هي قدرتي آفت تمام وڏي آهي، ان ۾ بحالي جي حوالي س??ن مشڪلاتون به آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هنگامي امدادي ڪمن جي ل??ءِ وفاق کان وڌيڪ معاونت جي ضرورت آهي، ڳوٺاڻن علا??قن ۾ ان??رن??ٽ جي بحالي جي حوالي س??ن ڪجهه مشڪلاتون آهن جڏهن ته شهري علا??قن ۾ ان??رن??ٽ بحال ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي متاثرين جي بحالي ل??ءِ امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وفاق کان ??يڪڏهن وڌيڪ فنڊز گهرجن ته آگاهه ڪريو، اسان کي ٻوڏ تي سياست ناهي ڪرڻي، هي هڪ امتحان ??هي، ٻوڏ جي پاڻي جي حوالي سان ??ن کان وڏي آفت ماضي ۾ ناهي ڏٺي، ان ??ي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو، حڪومتي مشينري فوري طور فعال آهي، صحبت پور سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم چيو ته فوري طور تي هيليڪاپٽر جي ذريعي پاڻي جون بوتلون مهيا ڪيون وڃن. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته وڌيڪ خيمن جا آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي خيما بلوچستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علا??قن ۾ ڏنا ويندا، متاثر علا??قن ۾ وبائي مرض پکڙجي رهيا اهن، انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.