اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ڪوئيٽا سبي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا کي 300 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي ش??وع ٿي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن به بحال ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ علائقي جي 132 ڪي وي جي 19 گرڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. قومي ش??هراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي جن??ن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ??يندي. واضح ره?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي و??ي.