ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ڪڻڪ جو ??ج فراهم ڪرڻ جو ??يصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ربيع سيزن لاءِ 24 لک ايڪڙن لاءِ ڪڻڪ جو ??ج مفت ۾ ڏينداسين، جنهن جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي گهر به ٺه??ائ?? ڏيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ڏيئون ته جيئن هو پنهنجا گهر پاڻ ٺه??ائ?? سگهن. منظوروساڻ جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي 29 آڪٽوبر کان 29 نومبر تائين ڏينهن خطرناڪ نظر اچي رهيا آهن، مونکي هڪ مهينو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي ان دوران ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. منظور وساڻ عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو ته عمران خان سيڪنڊ ليڊر شپ بجاءِ پاڻ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري، جيڪڏهن ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ته حالتون خراب ٿينديون، جنهن سياستدانن جو ??ڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته عمران خان لانگ مارچ نه ڪندو ٿي سگهي ٿو ته هو ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو چوي، منهنجي خواهش آهي ته عمران خان نااهل نه ٿئي سياسي ميدان ۾ اچي مقابلو ڪري، ڪنهن اڳواڻ جي نااهل ٿيڻ جو ??ان مخالف آهيان. منظوروساڻ چيو ته ڪجهه ماڻهون ٻاهر ايندا، ڪجهه ٻاهران ايندا ۽ ڪجهه اندر ويندا، عمران خان لاءِ ڏينهن خراب آهن، اليڪسڻ ڪڏهن ٿيندي اهو 29 نومبر کان پوءِ ??ڌا??يندس ته عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون، سنڌ ۾ ٻين پارٽين جو ??ستقبل ڪونهي ڪو، جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، فنڪشنل ليگ جي به پوزيشن گهٽ آهي.