بيجنگ – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شه??از شريف جو اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي ??ار?? وفاقي وزير اسحاق ڊار، مواصلات ??ار?? وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي ۽ هوابازي ??ار?? وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ ??ار?? وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار ??ار?? وفاقي وزير سردار اسرار ترين، خاص معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرال??ين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان گڏ آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ ??انپوءِ وزيراعظم شه??از شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم شه??از شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ءيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شه??از شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم شه??از شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شه??از شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي قائ??ين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارتنرشپ جو جائزووٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. وزيراعظم جي دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي.