??سل??م آباد – 03 ?? جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس انڊونيشين هم منصب ??تن?? مارسودي ٻطرفن ل??ڳاپن ۽ افغانستان سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽرهينڊل تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوش?? ٿي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پرڏيهي وزير انڊونيشيا جي پاڪستان سان يڪجهتي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي شڪار پاڪستان جي مسلسل امداد کي ساراهيو. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته هن پاڪستان انڊونيشيا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عورتن جي حقن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.