اسلام آباد?? 19 ??? جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي عالمي بئنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز ايڪسل وين ٽراٽسنبرگ سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته کيس ڊيووس ۾ عالمي بئنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز سا?? ملي خوشي ٿ??، جنهن سا?? ملاقات دوران پاڪستان سا?? عالمي بئنڪ جي ڳالهه ٻولهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بئنڪ جي 2 ملين ڊالر جي واعدي کي ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي وڏي ترقياتي پارٽنر طور تي عالمي بئنڪ جو اهم ڪردار آهي. هن گڏيل هدف، پائيدار ترقي جي هدفن ۽ عالمي اقتصادي فورم 2023ع کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.