اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻي رهي آهي، پا??ستان کي موسمياتي تبديلي جا هاڃيڪار اثر درپيش آهن، ??وج??ده حڪومت کي گذريل حڪومت جي بدانتظامي جي مسئلن کانسواءِ ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻو پيو، غيرضروري درآمدات ۾ گ??ٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ت??جيح آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود حڪومت ڏينهن رات محنت سان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي مالياتي فرم روٿ چائلڊ اينڊ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ??ه حڪومت پا??ستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻير هي آهي. هن وڌيڪ چيو ??ه غيرضروري درآمدات ۾ گ??ٽتائي ۽ برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ت??جيح آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پا??ستان کي موسمياتي تبديلي جا هاڃيڪار اثر به درپيش آهن. وفد پا??ستان جي معاشي صورتحال کي مستحڪم قرار ڏيندي چيو ??ه پا??ستان جي باصلاحيت افرادي قوت ان جي اصل طاقت آهي. وفد وڌيڪ چيو ??ه پا??ستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج خطي جي بهتر ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينجز مان هڪ آهي. وفد جو وڌيڪ چوڻ هو ته پا??ستان ت??زن ڏينهن ۾ عالمي سطح تي موثر انداز ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن بابت آگاهي پيدا ڪئي، پا??ستان جي معيشت جي لاءِ ??وج??ده حڪومت جا قدم ان کي مثبت رخ طرف گامزن ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.